پاڪ فوج طرفان سوشل ميڊيا تي پکڙيل ٿريٽ الرٽس جي ترديد

راولپنڊي( م ڊ ) پاڪ فوج ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن جي خطري سبب سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ جعلي سڪيورٽي ٿريٽ الرٽس جي ترديد ڪري ڇڏي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف شهرن ۾ حملن جي خطري جي جعلي الرٽ سوشل ميڊيا تي پکيڙي پئي وڃي پر ڪنهن به خطري جي الرٽ جاري نه ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واويلا جو مقصد خوف، ڏهڪاءُ ۽ مونجهارا پکيڙڻ آهي، شهري جعلي ڪالن ۽ غلط واويلا تي ڌيان نه ڏين، جڏهن ته آءِ ايس پي آر بابت ڪو به اطلاع آفيشل ويب سائيٽ تي ڏٺو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *