اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ جيل ٽرائل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نگران وزيراعظم جي جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ نواز شريف جي جيل ٽرائل بابت قانون ۽ انصاف واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري سميت ٻيا فيصلا ڪيا ويا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا آيل اڳوڻي وزيراعظم خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيل ٽرائل لاءِ نيب آرڊيننس جي تحت جاري نوٽيفڪيشن رد ۽ جيل ٽرائل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.ان کانسواءِ اجلاس ۾ نگران گهرو وزير امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ ان دوران عام چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ بينڪنگ ڪورٽ ٽو لاهور جي جج جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي جڏهن ته ڪابينا پورٽ قاسم جي چيئرمين کي اضافي ذميواريون ڏيڻ جي منظور پڻ ڏني آهي.