ڏهرڪي (رپورٽرز) ضلعي گهوٽڪي جي سياست اميدوارن کي پريشان ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي جي سياست ۾ وڏو ڀوچال مچڻ وارو آھي ،پي ايس 19 تي دلچسپ مقابلو ٿيندي نظر اچڻ لڳو، ووٽرن پاران ورڪ تي آيل هراميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي( ها ) ڪرڻ تي اميدوار پريشان ، هن اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽي سان تعلق رکندڙ ووٽرکين سڀني اميدوارن جا فوٽو توڙي جهنڊا پنهنجي دُڪانن توڙي گهر مٿان لڳائي ڇڏيا، اهڙو منظر ڏسي اميدوار کين سخت پريشان آھن خبر ناهي اهي ماڻھو ووٽ ڪهڙي اميدوار کي ڪندا ،پي ايس 19 تي بيٺل اميدوارن جو جواب پي ايس 19 تي علي گوهر خان مهر ۽ عبدالباري پتافي جو پڻ سخت مقابلو ڏسڻ وٽان ملندو،عبدالباري پتافي جو ڀاءُ هالارپتافي جي بيهڻ سان پتافي قبيلي جو ووٽ پڻ ونڊجي ويندو ،جنهن تي کين نقصان عبدالباري پتافي کي پڻ ٿيندو، هالار پتافي کي ڀائرن پاران ڪيترائي ڀيرا مڃائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بعد به کين هالار پتافي پاران هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ،آئون کين هٿ کڻي ووٽن کي مايوس نه ٿو ڪرڻ چاهيان عوام مونسان پيار ڪندي آھي هار جيت کين نصيب جي آھي ،اليڪشن وڙھڻ منهنجو جمهوري حق آھي ،ميرهالاپتافي مخالف بوکلاٽ جو شڪار آھن کين آئون مخالفن کي شڪست ڏئي نئي تحريڪ رقم ڪندس ،عبدالباري پتافي هاڻي پ پ پ مان عوام تنگ ٿي چُڪي آھي هاڻي سنڌ سميت ضلعي گهوٽڪي اندر جي ڊي اي ئي ڪامياب ٿيندي ،عوام جيڪو پ پ پ سان پوري سنڌ اندر ورڪ دوارن جواب ڏئي ٿي اها کين ووٽ ڪئين ڪندي ،علي گوهرمهر عوام ليٽرن ۽ ڦورو ٽولن کي آزمائي چُڪي آھي،ضلعو گهوٽڪي ضنعتي ادارن سان مالا مال ضلعو آھي ،پرهتان جا جاگيردار وڏيرا حصو پتي وٺي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا ،هاڻي جاگيراوڏيرن کي شڪست ڏئي ڏيکاريندس ،عوام 25 تاريخ تي ٽي وي تي ٺپو هڻي جاگيراڻي نظام خلاف ووٽ ڪري،ڄام فتح سميجو خبرموجب : ضلعي گهوٽڪي جي سياست جو جن بوتل مان ٻاهرنڪري آيو اليڪشن ويجهو ايندي ئي اميدوارن پاران ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي،پي ايس 19 تي علي گوهر مهر ۽ عبدالباري پتافي ۾ وڏو دنگل ٿيندو پي ايس 19 تي بيٺل پ پ پ اميدوار عبدالباري پتافي ۽ جي ڊي اي اميدوار علي گوهر خان مهر پڻ پُر اميد آھن ته مان کٽيندو اهو فيصلو عوام کين 25 تاريخ تي ڪندي ، پيپلزپارٽي اميدوار عبدالباري پتافي جا ووٽ بيڪ خراب ڪرڻ لاء علي گوهر مهر جي گيم کين ڪامياب ٿي وئي ۽ ڀاءُ عبدالباري پتافي سامهون ڀائر ميرهالار پتافي کي پي ايس 19 تي بيهاري ڇڏيو ،ميرهالار پتافي جي بيهڻ تي کين پ پ پ اميدوار عبدالباري پتافي لاء کٽڻ وڏو مشڪل بڻجي چُڪي آھي ،هالار پتافي جي بيهڻ سان پتافي برادري جو اڌ ووٽ کين ميرهالارپتافي کي ملندو جيڪو فائدو سڌو سنون کين جي ڊي اي جي اميدوار علي گوهرمهر کي آھي،ميرهالار پتافي ٻڌايو ته مونکي عوام کين دل اوجان سان محبت ڪري ٿي ۽ آئون به عوام سان محبت ڪندو آھيان ،مان پنهنجي ڀائر عبدالباري پتافي جي حق ۾ هٿ کڻي پنهنجي چاهيندڙ کي مايوس نٿو ڪرڻ چاهيان، هار جيت اليڪشن جو حصو آھي ،جمهوريت ۾ هرانسان کي اليڪشن ۾ بيهڻ جو پڻ حق آھي ،منهنجا ڀائرن سان سياسي اختلاف آھن باقي منهنجا انهن سان ڪي به ذاتي اختلاف نه آھن، هو منهنجا وڏا آھن ۽ قابلي احترام پڻ آھن ،ٻئي پاسي پ پ پ اميدوار عبدالباري پتافي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا مخالف خوش نه ٿين ته هو کين مونکي شڪست ڏيندا ،جيڪي اميدوار ڏھ سالن کان وٺي عوام جو ڪو مسئلو حل نه ڪيو آھي، هاڻي ڪهڙو منشور کڻي عوام کان ووٽ وٺندا عوام کين سڃاڻي ڇڏيو آھي ته ڪير اسان جو حقيقي ليڊر آھي جيڪو کين اسان سان هرڏُک سُک ۾ پڻ ساٿ ڏيندو،ٻئي طرف جي ڊي اي اميدوار علي گوهر مهر پنهنجي موقف ۾ چيو ته پ پ پ عوام جي خيرواھ پارٽي نه آھي،سدائين پ پ پ عوام جي رت جوسي آھي ،ترقياتي هڪ به نه ڪرڻ تي کين ڪوڙن دلاسن تي ووٽ وٺندي آھي، پ پ پ عوام کي اٽو ،اجهو لٽو ڏيڻ جو نارو هڻي کين سڀ ڪجھ ڏيڻ بجاء کسيو آھي ،جئين پوري سنڌ اندر ورڪ دوارن پ پ پ جي اميدوارن کي موٽ ملي رهي آھي ،اها موٽ کين ضلعي گهوٽڪي مان به ملندي ،عوام هاڻي پ پ پ جي ڪرپٽ ڪامورن کي آزمائي چُڪي آھي ،هاڻي عوام کين سڄاڳ ٿي چُڪي آھي ،عوام هاڻي ڪوڙن نعرن تي ووٽ ڪون ڏيندي ، پي ايس19 تي آئون ئي ڪامياب ٿيندس،پيپلزپارٽي کي ضلعي گهوٽڪي ۾ مان ڪلين سيوپ ڪري ڏيکاريندس ۽ پيپلزپارٽي کي اهو ٻڌايندس ته ضلعي گهوٽڪي پيپلزپارٽي جو ڳڙھ نه پر مهرگروپ جي اڪثريت آهي ،25 جولاء تي عوام کين ووٽ ڏئي مخالفن جون بتيون بند ڪري ڇڏيندي ،ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتح سميجو ٻڌايو ته هاڻي ضلعي گهوٽڪي جي عوام وڏيرن ۽ جاگيرداڻي نظام کي 25 تاريخ تي رد ڪندي ،هاڻي بنگلن تي ويهڻ سان ووٽ ڪون ملندا وڏيرن کي درد درد تي وڃڻو پوندو ،آئون پي ايس 19 تي جاگيرداڻي سوچ رکندڙ اميدوارن کي شڪست ڏئي عوام کي کسيل حق ڏياريندس ،مزدون جا حق کائيندڙ وڏيرا هاڻي کين شڪست جو منهن ڏسندا ،مونکي لڳي ٿو ته پوري سنڌ جيان ضلعي گهوٽڪي ۾ به انقلاب اچي چُڪو وقت پري ناهي عوام سان گڏ آھيون ۽ رهنداسين، عوام سڀني کي آزمائي چُڪي آھي ،هن ڀيري اسان به آزمائي ڏسي،