جي او سي پنو عاقل جي صدارت ۾ اجلاس  شڪارپور جو دورو، جنرل اليڪشن دوران سڪيورٽيءَ جو جائزو

شڪارپور (رپورٽ. عتيق ڌڪڙ)  جي او سي پنو عاقل جي صدارت ۾ اجلاس  شڪارپور جو دورو، جنرل اليڪشن دوران سڪيورٽيءَ جو جائزو. پاڪ آرمي، رينجرس ۽ پوليس اليڪشن دوران سڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪن، جي او سي 15 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳي چڪيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور تفصيل موجب : ڪالھ جنرل ڪمانڊنٽ آفيسر جنرل ظفر الله خان  جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ ايندڙ عام چونڊن جي سڪيورٽيءَ بابت اجلاسءَ جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي جي او سي پنو عاقل چيو ته پاڪ آرمي، رينجرس ۽ پوليس ملي ڪري امن امان جي صورتحال کي ڏسن ۽ اميدوارن تي واضع ڪيو وڃي ته هو ريليون ۽ ڪارنر گڏجاڻيون منعقد ڪرڻ کان پهرين انتظاميه کي آگاهه ڪن ۽ کائن اجازت وٺن. هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيئميرائون نه صرف سڪيورٽي بلڪه پولنگ اسٽيشن هلندڙ پولنگ پروسيس جي رڪارڊ لاءِ به اهم آهن انڪري انهن کي پولنگ اسٽيشنن اندر صحيح نموني سان لڳايو وڃي ته جيئن ان جي ڪوريج بهتر ٿي سگهي. هن  انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اليڪشن کي آزادانه ۽ منصفانه بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن عملي جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ جهنڊن، پينافليڪس ۽ بينرن خلاف ڪاروائيءَ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ انتظاميه جي تعريف ڪئي ته شهر ۾ ڪنهن به سرڪاري جاءِ تي ڪابه شئي نظر نه آئي. ان کان پهريان بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيد حسن رضا چيو ته هيل تائين 15 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳي چڪيون آهن ۽ ضرورت وارين پولنگ اسٽيشنن تي پاڻي، بجلي ۽ واش روم جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪچي جي علائقي ۾ پاڻي وڌيڪ اچڻ جي صورت ۾ ڪچي وارين پولنگ اسٽيشنن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ جا بندوبست ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ضلعي ۾ 16 امپرووائيزڊ پولنگ اسٽيشنن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 3 پولنگ اسٽيشنن جن ۾ 2 همايون گرڊ اسٽيشن ۽ 1 ڳڙهي تيغو ۾ واقع آهي. جن جون بلڊنگس تباهه حال آهن، انهن کي مڪمل امپرووائيزڊ ڪري ٽينٽ ۾ پولنگ اسٽيشنن جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ضلعي اندر 456 پولنگ اسٽيشنن ۾ 1568 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ مردن لاءِ 825 ۽ عورتن لاءِ 743 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 60 مان 58 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي هرقسم جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ضلعي مان سرڪاري جاين تي لڳل بينر، پمفليٽ ۽ جهنڊا پڻ لاٿا ويا آهن. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ايس ايس پي شڪارپور جهانزيب ٻڌايو ته پوليس جي اليڪشن ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن ۽ اميدوارن سان پڻ گڏجاڻي ڪئي وئي آهي ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اليڪشن ضابطئه اخلاق جو خيال رکن ۽ ڪارنر گڏجاڻين، ميٽينگز ڪرڻ کان پهرين انتظاميه کي آگاهه ڪن. هن چيو ته حساس پولنگ اسٽيشن تي هڪ آفيسر ۽ چار سپاهي تعنات ڪيا ويندا. ان موقعي تي آرميءَ جي تعنات بابت ڪرنل تيمور، اسپيشل برانچ ايس ايس پي منصور ۽ رينجرس ونگ ڪمانڊرامتياز پڻ جي او سي کي سڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر شڪارپور احمد علي عباسي بيلٽ پيپر ۽ عملي جي ٽرينگ بابت جي او سي کي آگاهي ڏني. اجلاس ۾ رينجرس عملدار، آرمي عملدارن، اليڪشن ڪميشن آفيسرن ۽ ٻين  پڻ شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *