شهباز شريف، عمران خان، بلاول ڀٽو سميت سياسي پارٽين جي اعليٰ قيادت کي وزيراعظم جي برابر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تازوئي آپگهاتي حملن کانپوءِ چونڊ مهم دوران عمران خان، بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي سيڪيورٽي پروٽوڪول کي اپ گريڊ ڪندي کين وزيراعظم جيتري سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت جاويد ان يقين جو اظهار ڪيو ته چونڊ مهم دوران اميدوارن ۽ سمورن سياسي پارٽين جي قيادت کي مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، امن امان ۽ سياسي پارٽين جي قيادت جي سيڪيورٽي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، هن چيو ته نه رڳو شفاف چونڊن جو احتمام پر سمورن اميدوارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ پنجاب جي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته انهن اميدوارن ۽ سياسي اڳواڻن کي خاص سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي جن اڳيان خطرا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پولنگ واري ڏينهن سازگار ماحول فراهم ڪرڻ نگران صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي تنهنڪري ان ڳالهه کي اهميت ڏني وڃي ته عوام کي هر لحاظ کان جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن غلط پروپگنڊا کي رد ڪندي چيو ته 13 جولاءِ تي نواز شريف جي لنڊن مان واپس اچڻ واري ڏينهن پنجاب حڪومت لا اينڊ آرڊر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاهور ۾ ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ ميرٽ تي قدم کنيا هئا ۽ مختلف حلقن پاران ان تي تنقيد مخصوص مقصدن لاءِ ڪئي پئي وڃي ۽ اها بنا جواز آهي، هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي پهرين ذميواري آهي ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، هن چيو ته 13 جولاءِ تي ن ليگ جي 143 ڪارڪنن کي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ جيئن ئي ميان نواز شريف کي اسلام آباد روانو ڪيو ويو گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو، هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪنهن سياسي ڪارڪنن کي غير قانوني طور گرفتار ڪرڻ جي ڪا رٿابندي نه آهي پر جيڪڏهن ڪنهن قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايڪشن ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *