ڪراچي (هه آ) نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته ايس آءِ يو ٽي سدائين سنڌ حڪومت سان گڏ پارٽنرشپ ۾ رهندي پنهنجي عزم کي مڪمل ڪيو آهي. ايس آءِ يو ٽي ڊاڪٽر اديب رضوي جي اڻ ڳڻت ڪاوشن ڪري سٺو معيار رکي پئي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايس آءِ يو ٽي پاران رضاڪاراڻي طور تي مريضن کي علاج معالج جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي هن ڊاڪٽر اديب رضوي جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس جذبي جي ساراهه ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اڱاري ڏينهن سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) ڪراچيءَ جو دورو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وڏي وزير ايس آءِ يو ٽي جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ مريضن جي عيادت ڪندي فراهم ڪندي سهولتن تي اطمنان جو اظهار ڪيو ۽ ايس آءِ يو ٽي جي مثالي خدمتن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر اديب رضوي سميت ايس آءِ يو ٽي عملدارن نگران وڏي وزير کي سندن ڪارڪردگيءَ بابت آگاهي ڏني ۽ طبي سهولتن تي روشني وجهندي چيو ته ايس آءِ يو ٽي ترقي پزير ملڪ ۾ ناممڪن ڪم کي ممڪن ڪري رهيو آهي. نگران وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ايس آءِ يو ٽي جنهن مقام تي آهي اهو رڳو ڊاڪٽر اديب رضوي جي اڻ ڳڻت ڪاوشن جي بدولت آهي. سنڌ حڪومت سدائين ايس آءِ يو ٽي سان پارٽنرشپ ۾ رهي آهي، گذريل حڪومتن سان به انهن جي ڪمٽمنٽ بهترين رهي آهي. ايس آءِ يو ٽي جي ٻين شاخن جون خدمتون پڻ قابل تحسين آهن. هن چيو ته سندس ڊاڪٽر اديب جو مريد آهي جيترو پراڻو ايس آءِ يو ٽي آهي اوتري پراڻي دوستي به آهي.