چونڊن کان اڳ اميدوارن تي حملا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهن: شهباز شريف

لاهور/ ڪوئيٽا  ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته چونڊن کان 10 ڏينهن اڳ چونڊ اميدوارن تي حملا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهن. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ سراوان هائوس پهچي سراج رئيساني جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ڪوئيٽا روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو مستقبل آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن سان مشروط آهي پر چونڊن کان 10 ڏينهن اڳ چونڊ اميدوارن تي حملا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت اميدوارن جي سڪيورٽي ۽ فول پروف انتظام يقيني بڻائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *