اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه وري ٻئي جوابدار آهن، چونڊن دوران ايف آءِ اي ٻنهي کي جاچ لاءِ نه طلب ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. آصف علي زرداريءَ جو وڪيل ايڊووڪيٽ فاروق نائيڪ دعالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته خانگي بئنڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هر شخص جو پنهنجو وقار ۽ عزت آهي، ڪنهن جي توهين ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙو حڪم نه ڏينداسين جنهن سان ڪنهن جو حق متاثر ٿي. جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته هو آرڊر پڙهي ٻڌائي ان ۾ ڪٿي لکليل آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي ٻئي جوابدارن جي لسٽ ۾ آهن؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٻنهي جو نالو جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ناهي. چيف جسٽس چيو ته وڪيلن کي آرڊر جي سلسلي ۾ ڪو ابهام هو ته پڇڻ گهرجي ها. هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم اسان نه ڏنو آهي، پوءِ سندن نالو اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو آهي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جوابدار نه آهن، عدالت رڳو جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه کي تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن ٿي آهي ته سامهون اچڻ گهرجي، نجف مرزا کي تبديل نه ڪنداسين، اسان ملڪي ساک کي ڪنهن به صورت ۾ داءُ تي نه لڳائينداسين.