اليڪشن ڪميشن جو 25 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن واري ڏينهن 25 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن جي منظوري چيف اليڪشن ڪمشنر ڏئي ڇڏي آهي. 25 جولاءِ تي عام موڪل جي منظوري ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته عام چونڊ 2018 ۾ اميد ڪئي پئي وڃي ته ٽرن آئوٽ گذريل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو ۽ اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته اليڪشن واري ڏينهن تي وڌ کان وڌ ماڻهو ٻاهر نڪرن ۽ قومي فرض ادا ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *