اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت جي پڪ ڏياري ٿو، افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ گڏيل ذميواري آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت جا پهاڙ ٽوڙي رهي آهي، موجوده دور ۾ ڀارتي ظلم جي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته 8 جولاءِ تي برهان واني جي شهادت کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ٻن سالن دوران ڪشميرين تي ظلم ڪري ڪيترن ئي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، هزارين ڪشميرين کي ڇرن واري بندوق ذريعي نور کان محروم ڪيو ويو، گذريل هفتي به ڪيترائي ڪشميري شهيد ٿيا، آسيه آندرابي ۽ سندس ساٿي صوفيه کي تهاڙ جيل ۾ منتقل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته 1947 کان ڪشميرين جرئت سان ڀارتي ظلم جو مقابلو ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪميشن به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ جاري ڪئي، ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي، سندس پاليسي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي آهي. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس هر فورم تي وڙهندو رهندو، عالمي برادريءَ کي به اها ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق سندن اميدن موجب ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.