ڪراچي؛ پيپلز پارٽي جي ترجمان مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته خيالي وزير اعظم جو خواب 25 جولاءِ تي ٽٽي ويندو. هو ڪڏهن به وزرر اعظم نٿو بڻجي سگهي، پاڪستان پيپلز پارٽي وارا نه عوام کان ووٽ وٺندي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي عمران خان جي بيان تي جواب ڏنو. مولا بخش چانڊئي چيو ته خيالي وزير اعظم جو خواب 25 جولاءِ تي ٽٽي ويندو. هو ڪڏهن به وزير اعظم نٿو بڻجي سگهي. عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو ته عقل عمر ۽ اخلاق جو ڪو به درجو ناهي. جنهن وٽ منشور نه هجي اهو گاريون ئي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وارا نه پر عوام کان ووٽ وٺندي آهي. عمران خان وزير اعظم بڻجڻ جي لاءِ چور دروازي جي ڳولا ۾ آهي. اها خان صاحب جي آخري چونڊ آهي.