لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارٽي اڳواڻ محمد نوازشريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز جي لنڊن مان وطن واپسي تي شاندار استقبال لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون جڏهن ته استقبال کان روڪڻ ۽ رستا بند ڪرڻ جي صورت ۾ مختلف آفشنز تي به غور ڪيو پيو وڃي مسلم ليگ (ن) جي قيادت واضح ڪيو ته ڪارڪن پرامن رهي پنهنجي قائد محمد نوازشريف سان ٻڌي جواظهار ڪندا ۽ ان دوران هڪ شيشو به نه ٽٽندو ذريعن مطابق محمد شهبازشريف جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي اڳاوڻن جو اهم اجلاس مرڪزي سيڪريري ماڊل ٽائون ۾ ٿيو جنهن ۾ خواجه سعد رفيق سردار اياز صادق حمزه شهباز مشاهد حسين سيد رانا محمد اقبال رانا ثناءُالله خان انجنيئر خرم دستگير طلال چوڌري پرويز ملڪ بلال ياسين خواجه محمد حسان مهر اشتياق سميت صوبائي صدر، ٽڪيٽ هولڊر ۽ ڊويزنل سطح جي عهديدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اڳواڻن ۽ عهديدارن کي پارٽي اڳواڻ محمد نوازشريف سان ٻڌي جي اظهار ۽ ان جي استقبال لاءِ ڪارڪنن جي شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ لائحه عمل ڏنو ويو ذريعن موجب اجلاس ۾ نوازشريف جي وطن واپسي تي استقبال کان روڪڻ ۽ رستا بند ڪرڻ جي صورت ۾ مختلف آپشن غور هيٺ آيا اجلاس ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ (ن) پرامن رهي پنهنجي ليڊر جو استقبال ڪندي ان لاءِ ڪارڪنن جي رستي ۾ ڪائي رنڊڪ نه وڌي وڃي.