سياستدانن نه عوام جي محرومي، بک ۽ غربت سان مقابلو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مظفر ڳڙهه (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي 50 سالن ۾ جمهوري جدوجهد ڪئي، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڀٽو خاندان لازوال قربانيون ڏنيون، ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي، آصف زرداري کي 11 سال جيل ۾ رکيو ويو، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، 50 ورهين ۾ پ پ باهه جي درياهه مان گذري آهي. خان ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين جتي جتي ويس، عوام استقبال ڪيو، منهنجو مقابلو سياستدان سان نه پر توهان جي محرومي سان آهي، منهنجو مقابلو بُک، غربت ۽ معاشي ناانصافي سان آهي. هن چيو ته آصف زرداري سي پيڪ ۽ پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين منصوبو ڏنو، اسان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اسپتالون ٺاهيون، دل جون 8 اسپتالون سنڌ ۾ ٺاهيون ويون، اسان 14 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون، مخالف چون ٿا اسان ميٽرو بس نه ٺاهي، توهان کي ميٽرو کپي يا معياري تعليم ۽ علاج، توهان کي روزگار کپي يا ميٽرو، اسان جي جدوجهد کانپوءِ مخالفن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. سندس چوڻ هو ته پ پ اڳ به خان ڳڙهه جي عوام جي خدمت ڪئي، پ پ ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ڪم ڪيو آهي، پ پ پارليامينٽ ۾ ڏکڻ پنجاب لاءِ آواز بلند ڪيو، مون سدائين ڏکڻ پنجاب صوبي جو ڪيس وڙهيو آهي، حڪمرانن ڏکڻ پنجاب کي پنهنجي جاگير سمجهي ۽ مسئلن کي اهميت نه ڏني، ڪجهه ڪٺ پتلين کي آخري ڏينهن ۾ ڏکڻ پنجاب ياد آيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، اسان يونين سطح تي فوڊ اسٽور کولينداسين، ٿر مان ڪوئلو ڪڍي رهيا آهيون، جنهن سان لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي، اسان غربت جي خاتمي لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ماڻهو سدائين مون کان پڇندا آهن ته توهان سياست ۾ ڇو آهيو؟ اسان پنهنجي عوام کي لاوارث نه ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته آئون استحصال کان پاڪ معاشرو چاهيان ٿو، پ پ سدائين هاري دوست منشور آڻيندي آهي، چونڊن ۾ عوام دوست ۽ زرعي دوست منشور آندو اٿم، ان کان اڳ هن نوابزادي نصرالله جي مزار تي حاضري ڀري ۽ دعا گهري، نوابزادي جي پٽ افتخار جي به بلاول حمايت جو اعلان ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *