سلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سمٽ بئنڪ جي صدر حسين لوائي کي 12 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته آصف زرداري، فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪندي 20 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حسين ڀلي ڪهڙي به اداري جي تحويل ۾ آهي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته تحقيق موجب ڪيترن ارب رپين جو معاملو آهي، بشير ميمڻ چيو ته 2010ع ۾ سورس انفارميشن جي بنياد تي جاچ ڪئي وئي، 4 اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي، 29 اڪائونٽس جي هاڻي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته محمد عمير پرڏيهه ۾آهي، عدنان جاويد جا 3 اڪائونٽس لڪي انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، قاسم علي جا 3 اڪائونٽس رائل انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، بشير ميمڻ چيو ته طارق سلطان ۽ ارم عقيل رابطي ۾ آهن، محمد اشرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته سندس درخواست هتي گهرايون ٿا، 6 ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. بشير ميمڻ چيو ته سمٽ بئنڪ جي عديل ارشد کي ايف آءِ اي سان سهڪار لاءِ چيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان کيس نوٽيس جاري ڪيو، 35 ارب رپين جو فراڊ آهي، توهان کين گهرايو ئي ناهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته سمورن ماڻهن کي گهرائي رهيا آهن، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڳو نوٽيس جاري ڪرڻ ڪافي ناهي. چيف جسٽس چيو ته هن وقت تائين جي جاچ موجب سندن پويان ڪير آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، هڪ ڪيس به داخل ڪيو، 16 سمٽ، 8 سلڪ بئنڪ ۽ 5 يو بي ايل جا اڪائونٽ آهن. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اڪائونٽس 7 ماڻهن بابت هئا، اهڙن اڪائونٽس مان 35 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، منهنجي حڪم تي سمٽ بئنڪ جو سنڌ بئنڪ سان انضمام روڪيو ويو. بشير ميمڻ چيو ته محمد اشرف جي نالي تي هڪ ذاتي ۽ 4 لاجسٽڪ ٽريڊرز اڪائونٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته سمورن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪنداسين. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته محمد عمير جا هڪ ذاتي ۽ 6 عمير اسپورٽس جي نالي تي اڪائونٽ آهن، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان انهن کي گهرايو به آهي يا ناهي؟ بشير ميمڻ چيو ته سمورن ماڻهن کي طلب ڪري رکيو آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڳو نوٽيس جاري ڪرڻ ڪافي ناهي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي سپريم ڪورٽ جي مدد گهربل هوندي، وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي پڪڙيو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، سمٽ ۽ يو بي ايل بئنڪ جي سربراهن کي گهرايون ٿا، جيڪڏهن هو رڪارڊ فراهم نه ٿا ڪن ته ڏسي وٺنداسين. چيف جسٽس چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي گڏيل ٽيم ٺهي نه ٿي سگهي، پاناما طرز تي جي آءِ ٽي ٺاهيو جنهن ۾ فنانشل ماهر به هجن. چيف جسٽس سوال ڪيو ته زرداري گروپ کي پئسا ڪهڙي اڪائونٽ مان ويا جنهن تي ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ چيو ته زرداري گروپ کي به پئسا مشڪوڪ اڪائونٽ مان ئي ويا آهن. عدالت سمٽ بئنڪ جي صدر حسين لوائي کي 12 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ بئنڪ، سمٽ ۽ يو بي ايل کي نوٽيس جاري ڪندي ٽنهي بئنڪن جي سربراهن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ سمورن جعلي اڪائونٽ هولڊرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.