اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 ميمبرن واري بينچ پيٽروليم شِين تي ٽيڪس بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل، ايم ڊي پي ايس او ۽ چيئرپرسن اوگرا عدالت ۾ پيش ٿيا، چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته قيمتن ۾ واڌ ۽ لاٿ جو فارمولا ڇا آهي، تيل جون قيمتون حڪومت لاءِ پيسا ڪمائڻ لاءِ آهي، جسٽس اعجاز الحسن پڇا ڪئي ته ڪچو تيل ٻاهران گهرائڻ ۽ ريفائنري تائين پهچڻ تائين ڪيتريون قيمتون آهن، اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪچو تيل 5 ريفائنريون گهرائين ٿيون، اين آر اين ۽ پاڪستان ريفائنري ڪراچي ۾ آهن، وائيڪو حب بلوچس
تان، پارڪو مظفر ڳڙه ۽ اٽڪل ريفائنري راولپندي ۾ آهي، ٽن ريفائنري جي 15 سيڪڙو مقامي پيدا وار آهي ۽ 85 سيڪڙو ٻاهران گهرائين ٿيون، ايم ڊي پي ايس او ٻڌايو ته 22 ڪمپنيون آهن جيڪي پيٽرول ٻاهران گهرائين ٿيون، سعودي عرب کان پهريان اوڌر تي تيل ملندو هو، هاڻ نٿو ملي، چيف جسٽس چيو ته مڊل مين ٻنهي طرفن کان ڪميشن وٺي ٿو، اهو مقرر ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته جيئن مارجر نه ٿئي، اسان کي ٻاهران سستو پيٽرول گهرجي، چيف جسٽس ايم ڊي پي ايس او کان پڇا ڪئي ته توهان جو آئل سيڪٽر ۾ ڪيترو تجربو آهي جنهن تي هن جواب ڏنو ته توانائي سيڪٽر ۾ 3 سالن جو تجربو آهي، خانگي ڪمپني اينگرو ۾ ڪم ڪيو آهي، 37 لک رپيا پگهار جو پيڪيج آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا بڪواز آهي، ايتري ڳري پگهار تي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، ڇا بيوروڪريسي ختم ٿي وئي هئي جو خانگي شعبي کان ماڻهو وٺڻا پيا، سڀ ڪجهه ملائي توهان جو پيڪيج 45 لک هوندو، پگهار 22 گريڊ جي آفيسر ڪافي وڌيڪ آهي، توهان اسان کي بنيادي شين تي مطمئن نه ڪري سگهيا توهان ان ڪمپني ۾ واپس هليا وڃو، چيف جسٽس چيو ته توهان صارف کي رليف نٿا ڏيو، پي ايس او جي 6 مهينن جي درآمدات جو آڊٽ ڪرايون ٿا، تيل جي امپورٽ شفاف ٿيڻ گهرجي، غير ترقياتي خرچ صارف کي ادا ڪرڻا پون ٿا ۽ آفيسرن جي عياشين جو بار کڻڻو پوي ٿو، عدالت کانپوءِ عدالت ڏسي وٺندي ته رياست جيڪي ٽيڪس لڳايا آهن اهي جائز آهن يا نه، تعين ڪرڻو آهي ته درآمد دياتنداري سان ٿي رهي آهي يا نه، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هڪ ليٽر خريد ڪندڙ کي 40 رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻي پوي ٿي، دنيا جي مارڪيٽ ۾ قيمت جي لاٿ جو فائدو صارف کي ڏيڻ بدران ٽيڪس وڌائي وڃي ٿي، سڄي گيم خريداري جي موقعي تي ٿئي ٿي.