عمرڪوٽ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪرپشن کان پاڪ نئين پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، پنجاب مسلم ليگ ن ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان آصف زرداري جو صفايو ڪرڻو آهي. عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف هنڌن تي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان ۾ ماڻهن جي اميدن جو ڪرڻو ٿي وئي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جو پنهنجو موقف آهي ته شهباز شريف جو وري پنهنجو موقف آهي، ايندڙ وقت تحريڪ انصاف جو آهي، 25 جولاءِ جو سج ڪرپشن کان پاڪ نئين پاڪستان جو سج هوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي، اسان کي چونڊن ۾ انقلاب آڻڻو آهي، انشاءَ الله چونڊن ۾ سنڌ مان تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي جا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.