لوئردير/سوات(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي نظام ۾ رڳو ڪمزور پڪڙيو ويندو آهي پر ان نظا پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور کي سزا ڏني. سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن ٻن ڀائرن سياست ۾ ڪرپشن شروع ڪئي، لاهور ۾ ماڻهن کي خريديو ۽ اهو سڀ اسان جي سامهون ٿيو. هن چيو ته مون سياست شروع ڪئي ته آئون پهريون شخص هئس جنهن ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي. 1998 ۾ سندن محلن آڏو وڃي احتجاج ڪيو پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو. هن چيو ته زرداري ۽ شريفن ڪرپشن جي لاءِ ملڪ جا ادارا تباهه ڪيا، اداري مضبوط ٿيندا آهن ته انهن کي پڪڙيون ويندو آهي، حڪمران اداري تباهه ڪري ڪرپشن ڪندو آهي ڇو ته جڏهن ادارا مفلوج ٿي ويندا آهن ته ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان وٽ وسيلا آهن پر ڪرپشن جي اُڏيهي ملڪ کي ڪينسر جيان کائيڇڏيو، اڄ ٻار ٻار قرضي آهي، اِهي چور عوما جو پيسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا. هن چيو ته الله جو شڪر گذار آهيان 22 سال پهرين اها جدوجهد شروع ڪئي، پهريون ڀيرو هڪ طاقتور کي ملڪ جي انصاف جي نظام سزا ڏني، پهرين رڳو ڪمزور ماڻهو جيلن ۾ ويندا هئا ۽ طاقتور ماڻهن کي پاڪستان جا ادارا نه پڪڙي سگهندا هئا، اڄ سڄي پاڪستان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اِها نئين پاڪستان جي شروعات آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته هاڻ وڏا وڏا ڦورو اسيمبلي ۾ نه ويندا ۽ وزير نه بڻجندا، وڏا ڦورو هاڻ جيلن ۾ ويندا، انهن کي سزائون ملنديون، اميد آهي ته 26 جولاءِ تي پاڪستان ۾ نئين پاڪستان جو سج اڀرندو. هن چيو ته مون کي خراب ڪرڻ جي لاءِ اِهي ماڻهو گهڻو هيٺ تائين ويا ۽ اسان جي عورتن کي به نه بخشيو، اِهي ماڻهو ايترا ڪري پيا جو هڪ عورت کان خراب ڪتاب لکرايو جيئن مون کي خراب ڪري سگهجي. عمران خان چيو ته انهن ماڻهن چوري بچائڻ جي لاءِ اِهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن به ناهن ڪندا، هنن چيو ته ممبئي حمل فوج ڪرايا، سڄي دنيا ۾ ان سان فوج جي بيعزتي ٿي، اڄ ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، هن پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ ملڪ کي وڏو نقصان ڏنو ۽ هر سطح تي ويو، نواز شريف ثابت ڪيو ته پيسا بچائڻ جي لاءِ هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اڄ جيڪو فيصلو آيو ان تي خاص طور تي الله جو شڪر ادا ڪندس، انسان رڳو ڪوشش ڪندو آهي، 22 سالن کان ڪوشش ڪري رهيو هيس الله ڪاميابي ڏني. عمران خان جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن کي رڳو اهو جواب ڏيڻو هو ته پيسا ڪٿان آيا ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪيئن ويا، آئون ته هڪ ڪرڪيٽر هيس ڪو وزير يا وزير اعظم نه هيس، 34 سالن پهرين فليٽ ورتا، جيڪڏهن آئون دستاويز ڏئي سگهان ٿو ته ملڪ جو وزير اعظم ڇو نٿو ٻڌائي سگهي ته اربن جي ملڪيت ڪيئن آئي ۽ ڪيئن ٻاهر وئي. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اسان جو پهريون وارو هو جنهن مان گهڻو ڪجهه سکيو، هاڻ الله موقعو ڏنو ته عوام سان واعدو ٿو ڪيان ته سچ ڳالهائيندس ۽ پروپيگنڊا نه ڪندس، جهڙو مهاتير محمد احساب ڪيو اهڙو احتساب ڪندس سڀ اليڪشن وڙهندا. ان کان اڳ لوئر دي تيمر گرهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن هو ۽ آهي، سڄو پاڪستان فيصلي جو انتظار ڪري رهيو هو، اڄ پاڪستان جي تاريخ جي لاءِ فيصلو ڇو ضروري آهي، ڇو ته هن وقت تائين طاقتور آيا، هو پيسا ڦريندا هئا ۽ ڪو به ادارو ڪجهه به نه چوندو هو نيب ايف آءِ اي سميت پوليس ۾ به چورن کي پڪڙڻ جي جرئت نه هئي. هن چيو ته عوام جو پيسو چوري ڪري مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليو ويندو آهي، ڪرپشن جي مافيا جي خلاف 22 سال پهرين جنگ شروع ڪئي هئي. چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته 6 ڀيرا شريف خاندان پنجاب ۾ حڪومت ڪئي، قوم جو سڀ کان وڏو ذراميباز شهباز شريف آهي، هاڻ هو انسانن تي سيڙپڪاري ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي، شهباز ڪا به ڳالهه پنهنجي عقل سان ناهي ڪندو، جيڪو آئون چندو آهيان اهو شهباز شريف چوڻ شروع ڪندو آهي. عمران خان چيو ته جيڪو به اقتدار ۾ ايندو آهي فضل الرحمان چقمق جيان چنبڙي ويندو آهي.