حيدرآباد (پ ر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جا منصوبا ناڪام بنائينداسين، ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به قيمت تي ٺهڻ نه ڏنو ويندو. پيپلز پارٽي گريٽر ٿل ڪئنال، چشما جهلم، تونسا پنجند سميت سنڌ دشمن منصوبا ٺاهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرايو. سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو زرداري کنيو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار ديهه شاهه بخاري جي ڳوٺ بشام کوسو، وزير کوسو ۽ حر ڪئمپ ۾ رهواسين سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي پاڻ ۾ جڙيل آهن، پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ سوين معصوم زندگيون قتل ڪندڙ دهشتگردن تان ڪيس ختم ڪيا. دهشتگردن هر دور ۾ پيپلز پارٽي جي سپورٽ ڪئي ۽ انهن سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا.هن وڌيڪ چيو ته کرب پتي سنڌ جا خاندان غربت جو شڪار آهن چند حڪمران خاندان سمورن وسيلن جا مالڪ بنيل آهن. اسين سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کي روڪينداسين ۽ عوام کي خوشحال بنائينداسين.