سپريم ڪورٽ جو کدڙن سفيرن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو معاملو 15 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي 15 ڏينهن ۾ ان مسئلي جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪري ڇڏي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ کدڙن فقيرن جي سڃاڻپ ڪارڊ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجازالحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ شروع ٿيا جنهن تي چيئرمين نادره عثمان مبين جواب ڏنو ته اڃا تائين 90 سيڪڙو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿي چڪا اهن نادره جي چيئرمين ٻڌايو ته هن معاملي تي موبائيل رجسٽريشن يونٽس کي به فعال ڪيو ويو آهي جڏهن ته چئني صوبن جي نمائنده ميٽنگ هلندڙ مهيني ٿيندي ان موقعي تي سيڪريٽري سوشل ويفيئر سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته 327 ڪيس رجسٽريشن لاءِ نادره ڏانهن موڪليا آهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته کدڙن فقيرن لاءِ ڊاڪٽر سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان منع ڪيو هو جنهن تي چيئرمين نادره وضاحت ڏيندي چيو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺڻ نادره پاليسي ۾ شامل نه آهي ان موقعي تي کدڙن فقيرن جي ترجمان الماس بوبي عدالت ۾ چيو ته عملدارن پاران اسان کي ميٽنگ ۾ ناهي گهرايو ويو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان ماڻهن جي وچ ۾ به سياست موجود آهي جڏهن ته هن معاملي کي انساني حقن جي بنياد تي ڏٺو پيو وڃي سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي معاملي تي جسٽس رٽائرڊ عارف جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 15 ڏينهن ۾ هن معاملي جو حل ڪڍي عدالت کي آگاهه ڪندي جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *