اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جو فيصلو اچي رهيو آهي، تنهن ڪري هو پاڪستان اچي، ڇو ته اڊيالا جيل سندس انتظار ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف چئي رهيو آهي پاڻ اچي فيصلو ٻڌندس، توهان اهو فيصلو اخبارن ۾ پڙهندا، اسان انتظار ڪنداسين، پاڪستان اچو، اڊيالا جيل توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته قانون انڌو هوندو آهي ۽ سڀني لاءِ هڪ هوندو آهي، ڇا اها رعايت هڪ عام ڏوهاري کي به ملندي آهي؟ جتي ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ قانون ۾ فرق هجي ته وڏيون قومون تباهه ٿي وينديون آهن. هن چونڊن تائين ڪنهن به سياستدان کي گرفتار نه ڪرڻ واري نيب جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته نيب جو چوڻ ائين آهي ڄڻ ٻه ٽيمون ميچ کيڏي رهيون آهن ۽ هڪ ٽيم ۾ ميچ فڪسر پڪڙيو ويو آهي، هاڻ چئي رهيا آهن ان ڪري ميچ نه کيڏو، ڇو ته ميچ خراب ٿي ويندي، کين سمجهه ۾ نه پيو اچي، اها چرين واري ڳالهه آهي، ان ۾ ڪو قانون ناهي