سکر ( بيورو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرامن احتجاج سڀني جوحق آهي پر گهيراءُ احتجاج نه هوندو آهي، لياريءَ ۾ گهيراءَ جي سازش ڪندڙ ناڪام ٿي ويا، پ پ اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ 5 جولاءِ آهي جيڪو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جمهوريت کانسواءِ ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ مشڪل آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ آبادگار ۽ پورهيت دوست پارٽي آهي، عوام چونڊ مهم دوران ڀرپور آجيان ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گهيراءُ ڪندڙن کي عوام عام چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته جڙتو الائنس جي ڪابه ويليو ناهي، عوام پ پ کي ووٽ ڏيندو. نواز شريف بابت هڪ سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جوابدار ڪنهن کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، جمهوريت ۾ انتقامي ڪاررواين جو تاثر ٺيڪ ناهي.