ڪراچي شهر ۾ چونڊ واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي شهر ۾ چونڊن واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 1181 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 2670 حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪراچي ۾ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ چونڊ واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 10 هزار قومي رضاڪارن يا سيڪيورٽي گارڊن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اليڪشن ڪميشن موجب سيڪيورٽي پلان ۾ اوڀر ضلعي ۾ 112 پولنگ بلڊنگون ۽ 254 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 117 پولنگ بلڊنگز ۽ 220 پولنگ اسٽيشنز حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ملير ضلعي ۾ 18 پولنگ بلڊنگز ۽ 24 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، جڏهن ته 105 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ 138 پولنگ بلڊنگز ۽ 262 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 206 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز حساس آهن. سينٽرل ضلعي ۾ 63 پولنگ بلڊنگز ۽ 223 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 278 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ضلعي اولهه ۾ 123 پولنگ بلڊنگز ۽ 215 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 440 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ڏکڻ ضلعي ۾ سموريون پولنگ بلڊنگز ۽ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ضلعي سٽي ۾ 84 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس، جڏهن ته 236 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي پلان بي موجب شهر ۾ 633 پولنگ بلڊنگز ۽ 991 پولنگ بوٿ نارمل قرار ڏنا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *