اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جو چوڻ آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.احتساب عدالت لڳ ڀڳ ساڍا 9 مهينا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جتي مريم ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز پنهنجا حتمي دليل ڏنا. واضح رهي ته 29 جون تي ٿيندڙ گذريل ٻڌڻي تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايڊووڪيٽ امجد پرويز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 2 جولاءِ تي هر حالت ۾ حتمي دليل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر گذريل ڏينهن دليل مڪمل نه ٿيڻ تي ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي هئي. نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ موجودگي سبب اڄ به احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جڏهن ته گذريل ڏينهن عدالت ٻنهي کي ٻه ڏينهن حاضري کان ڇوٽ ڏني هئي. احتساب عدالت ۾ اڄ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، جيڪو 6 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.