عمران خان ٻڌائي ته خلائي مخلوق يا امپائر جي آڱر سان گڏ آهي: مريم نواز

لنڊن ( م ڊ ) نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته هو خلائقي مخلوق يا وري امپائر جي آڱر سان گڏ آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ميلڪم ايڪس جي  قول جيڪو ڪنهن ڳالهه نه بيهندو آهي اهو هر شيءَ لاءِ ڪرندو آهي کي ورجائيندي مريم نواز چيو ته سمورن پاڪستانين لاءِ پيغام آهي جيڪي 25 جولاءِ تي ووٽ نه ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا. هن چيو ته توهان ڪنهن شيءَ لاءِ بيٺا آهيو، خلائقي مخلوق، سازشن، امپائر جي آڱر، صادق سنجراني، ڊڪٽيشن، اسپانسر ڪيل ڌرڻن يا سياست لاءِ.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *