بنون (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بنون جي فرعون سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هتان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، اڪرم خان دراني بابت سڀ ڄاڻن ٿا ته 2013ع کان اڳ سندس ڪهڙي حيثيت هئي ۽ اڄ ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي. بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته فضل الرحمان کي مولانا چوڻ مولانا جي توهين سمجهان ٿو، ڇو ته ڊيزل جي پرمٽ تي وڪامجندڙ مولانا نٿو ٿي سگهي، فضل الرحمان هڪ چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي ۽ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين ضرور بڻجندو آهي. سندس چوڻ هو ته فضل الرحمان ۽ دراني جون حالتون بهتر ٿينديون ويون پر بنون جي عوام جي حالت بهتر نه ٿي، منهنجو خواب آهي ته سڀ کان پهريان سرڪاري اسڪولن جو نظام درست ٿئي ته جيئن ڪنهن غريب جو ٻار به پڙهي اڳتي وڌي سگهي. عمران خان چيو اسان جو نظام اهڙو هجي جو جيڪو محنت ڪري اهو اڳتي اچي پر هن ملڪ ۾ اڪرم دراني جهڙو قبضا گروپ ماڻهن جي اڳتي نٿو اچڻ ڏئي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت 5 سالن ۾ 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا، 1000 اسڪول قائم ڪيا ۽ هڪ لک ٻار نجي اسڪولن مان سرڪاري اسڪولن ۾ ويا، ڪي پي حڪومت پاڻي مان بجلي جا 4 پراجيڪٽ ٺاهيا ۽ 74 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان 7 سئو ميگا واٽ بجلي جي منصوبن جي ايم او يو تي صحيحون ڪيون پر مجهي ڪيون نڪالا حڪومت اسان جا منصوبا ٺهڻ نه ڏنا.