ڊيم پاڪستان جي جياپي لاءِ ضروري آهي، قرباني ڏيڻي پوندي: چيف جسٽس جا ريمارڪس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ڪالا باغ ڊيم بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڊيم پاڪستان جي جياپي لاءِ ضروري آهي جنهن لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سمورن صوبا ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق ڪيو آهي. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪالاباغ ڊيم مسئلو ايترو سادو ناهي، شمش الملڪ ۽ اعتزاز احسن کي سهڪار لاءِ چيو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڇا پاڻي کانسواءِ پاڪستان جي جياپو ممڪن ناهي؟  ڪوئيٽا ۾ زير زمين پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين ڪري چڪي آهي، پاڻي جي مسئلي لاءِ ڪههرا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي؟   چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته بار بار چئي رهيو آهيان ته هتي ڪالاباغ ڊيم جي نه پاڪستان ڊيم جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، پاڪستان ڊيم ٺهندو ته 5 ورهين بعد پاڻي ءَ جي صورتحال ڇا هوندي، ڊيم پاڪستان جي جياپي لاءِ انتهائي ضروري آهن، چئني ڀائرن ۾ اتفاق هئڻ گهرجي، ڊيم ٺاهڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته زمين تباهه ٿي ته هاري قرضي ٿي ويندا، اسان کي هنگامي  ۽ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ماڻهو گڏ ڪيو ته جئين ماڻهن جون تجويزون اچن. ان موقعي ته اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته ڊيم مخالفن سان به ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، ان تي چيف جسٽس چيو ته جيڪي ڊيم تڪرار ناهن ڇو نه پهريان انهن کي ڌيان ڏنو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيم ٺاهڻ جي حوالي ڪجهه ناهي ٿيو، سياسي حڪومتون ڏهه سالن ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڇا ڪيو؟  ڊيم ته هر حال ۾ ٺهڻو آهي اهو ٻڌايو ته ڊيم ڪهڙي جاين ته ٺهندا،  مونکي مسئلي جو حل ٻڌايو، جيستائين مسئلي جو حل نٿو نڪري مونکي وڃڻ نه ڏيجو، مونکي ماڻهو ٻڌايو ته ماهرن جا نالا ٻڌايو، سڀني کي گهرائي اندران ڪڙو ڏئي ڇڏيندس، گهٽ ۾ گهٽ ۾ مسئلي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *