روالپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ عام چونڊن جي اهم ذميواري نڀائڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي معاملن تي پڻ فوڪس رکيو وڃي. آءِ ايس پي آر جي طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ جنرل هيڊڪوارٽر(جي ايڇ ڪيو) رالپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي.آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس دوران خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشن ردالفساد جي تحت ڪاروائين جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن مان قائم ڪرڻ واري ڪوششن کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيوويو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد بابت ڳالهيون ٿيون ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ضروري مدد ڪئي ويندي. ان موقعي آرمي چيف هدايت ڪندي اندروني سيڪيورٽي ۽ ملڪي بچاءُ تان ڌيان هٽائڻ کان بغير اليڪشن ڪرائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.