ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 63 حيدرآباد لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪروڙين رپين جا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ 5 ڪروڙ رپيه ماليت جي فليٽ جو مالڪ آهي، دبئي ۾ ئي 9 ڪروڙ 89 لک رپين جو فليٽ سندس گهر واري جي نالي تي آهي. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ 3 ڪروڙ 96 لک 70 هزار جي ٽن قيمتي گاڏين جو مالڪ آهي، هن 8 ڪروڙ 7 لک، 91 هزار 339 جي روڪ رقم ۽ پرائز بانڊ ظاهر ڪيا آهن. شرجيل ميمڻ ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ 44 لک رپين جي بنگلي جو مالڪ آهي، هن ڊي ايڇ اي 28 اسٽريٽ تي 97 لک رپين جي ملڪيت به ظاهر ڪئي. شرجيل ميمڻ جي گهر واري جي اڪائونٽس ۾ 2 ڪروڙ 29 لک 79 هزار رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن جڏهن ته فرنيچر جي مد ۾ 25 لک رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن. دستاويزن موجب شرجيل ميمڻ ٿرپارڪر ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک 80 هزار رپين جي ملڪيت جو مالڪ آهي ۽ انٽرنيشنل گلف گروپ ۾ سندس گهر واري 80 لک رپين جي ڀائيوار آهي.