ڪراچي(م ڊ) سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين جي استعمال بابت سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ لگزري گاڏين جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي آغاز تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ لگزري گاڏين جي استعمال بابت نوٽيفڪيشن عدالت جي روبرو پيش ڪيو جنهن موجب فيلڊ ورڪ ۽ خاص مقصدن جي لاءِ لگزري گاڏيون استعمال ڪري سگهبيون جڏهن ته ان مد ۾ روزاني 25 هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سينٽرل پول بڻايو ويو آهي، استعمال جو طريقيڪار به طئي ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان جو مطلب آهي ته سنڌ حڪومت گاڏيون مسواڙ تي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي؟ سنڌ ۾ ڪو به ڪم ٺيڪ ٿي رهيو آهي؟ اهو سب بدنيتي جي بنياد تي ڪم ڪيو پيو وڃي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته نوٽيفڪيشن جي تحت وزير سڄو ڏينهن گاڏيون استعمال ڪري سگهندا. عدالت لگزر گاڏين جي استعمال جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي لگزري گاڏين بابت صوبن جون درخواستون اسلام آباد ۾ گڏ ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس چيو ته سمورن صوبن جو معاملو اسلام آباد ۾ ٻڌنداسين. بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.