نواز شريف لنڊن مان واپس نه موٽيو ته سندس سياست متاثر ٿيندي: خورشيد شاهه

سکر ( ڊ ر ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جن نواز شريف کي ٻاهر موڪليو ذميوار به اهي ئي آهن، جيڪڏهن نواز شريف لنڊن مان واپس نه موٽيو ته سندس سياست متاثر ٿيندي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته منهنجي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض کل جوڳا آهن، عام چونڊون ملتوي نه ٿينديون. هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته هاڻي پرويز مشرف واپس ايندو، ڇو ته هاڻي هو ڪمانڊ نه رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جن نواز شريف کي ٻاهر موڪليو ذميوار به اهي ئي آهن، جيڪڏهن هو لنڊن مان واپس نه موٽيو ته سندس سياست متاثر ٿيندي، هو رڳو عيد ڪرڻ لنڊن ويو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ فتح پيپلز پارٽي جي ٿيندي، اسان سان مقابلو ڪرڻ واري ڪا به مضبوط پارٽي ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *