ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 90 سيڪڙو ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي، مسورو شهر ڪچي آبادي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ شهر جي پارڪن ۽ راند جي ميدانن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت پارڪن ۽ راند جي ميدانن تي قبضي ۽ مدد ڪندڙن، قبضي ۾ مدد ڪندڙ ذميوار سرڪاري آفيسرن خلاف به انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي قبضا مافيا خلاف انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته هڪ هڪ رفاعي پلاٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران پارڪن تي قبضا ختم نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورو شهر ڪچي آبادي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، 90 سيڪڙو ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي. ايڊوڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي تي 250 ارب رپيه خرچ ڪيا ويا، جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڪٿي خرچ ٿيا،حساب وٺڻ يا حساب ڏيڻ وارو ڪو آهي؟ جيڪي حساب وٺڻ وارا آهن اهي پنهنجو حساب ٺاهي رهيا آهن. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ رڳو دعائن سان نه ٿو هلي سگهي، ڪجهه ڪرڻو پوندو، رڳو دعائن سان هلڻو هجي ها ته افغانستان، عراق ۽ شام جو هي حال نه ٿي ها، خدا جي واسطي قدرت سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي. جسٽس گلزاراحمد چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي، ڪراچي وارا ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن،خوبصورت شهر کي عمارتن جو شهر بڻايو ويو آهي.