ڪراچي(اسٽاف رپورتر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هوته ڪراچي هاڻي نامعلوم ماڻهن کان آزاد ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جي قدمن سبب ڪراچي ۾ امن امان بحال ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام پهريون ڀيرو خوف ۽ خطري کانسواءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو، عوام جي خدمت سبب پ پ ڪراچي مان سوئيپ ڪندي. پ پ چيئرمين پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪراچي ۾ ڀرپور چونڊ مهم شروع ڪرڻ ۽ پارٽي جو پيغام گهر گهر پهچائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو ڪراچي واسين کي سڀني لاءِ موقعو آهي ته اُهي شهر کي تبديل ڪري ڇڏيندا