لاهور ((م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو اهي ته سمورا ضابطا صرف نوازشريف کي سزا ڏيڻ لاءِ آهن، نوازشريف نااهل آهي باقي سب اهل آهن، ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ سعد رفيق چيو ته ايٽمي پاڪستان کان خالق، جديد پاڪستان کا معمار نواز شريف نااهل آهي باقي سب اهل آهن. هن چيو ته اسان عدالتن مان سياستدانن جي نااهلي جي حمايت نٿا ڪريون. شيخ رشيد سان مقابلو سياسي ميدان ۾ ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته سمورا ضابطا صرف نوازشريف کي سزا ڏيڻ لاءِ آهن.ن ليگ خلاف هر دور ۾ سازشون ڪيون ويون پر هر بار دشمنن کي شڪست نصيب ٿي آهي ۽ اڳتي به ٿيندي.الله پاڪ جي ڪرم سان هر مشڪل گهڙي کي پار ڪري فتح حاصل ڪنداسين، اسان خلاف هر سازش ناڪام ٿيندي