عدالتن کي مئل گھوڙي تي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گھرجي: سسئي پليجو

بدين(ڊ ر)پاڪستان جو مطلب پنجاب ناهي، هتي ٻيا صوبا به آهن، جن ۾ مظلوم قومون رهن ٿيون، جيڪي 70 سال گذرڻ کانپوءِ به پنهنجي حقن کان محروم آهن، ڪالا باغ ڊيم کي ملڪ جون ٽي اسمبليون رد ڪري چڪيون آهن.عدالتن کي اهڙي مئل گھوڙي تي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر سسئي پليجو بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صالحيان گوپانگ جي گھر سندس وفات تي پونيئرن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته بدين سجاول ۽ ٺٺي ضلعي ۾ پاڻي جي بدترين بحران جي ڪري لکين هاري هن سال چيٽ جو فصل پوکي نه سگھيا، جنهن ڪري هتي جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، هڪ طرف سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، ته ٻي طرف سنڌ کي ملندڙ اڻپوري پاڻي جي ورهاست ۾ بدديانتي ڪرڻ جي ڪري پاڻي پوڇڙين تائين نٿو پهچي، آبپاشي کاتو پنهنجو قبلو درست ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ بااثر ماڻهو غريب آبادگارن جي حصي جي پاڻي تي قابض آهن.هن چيو ته سنڌ پختونخواهه ۽ بلوچستان جو عوام احساس محرومي جو شڪار آهي، پاڪستان رڳو پنجاب ناهي، گذريل پنجن سالن ۾ ننڍن صوبن جي ترقي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، رڳو پنجاب کي فوڪس ڪري ان جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو ويو، جنهن ڪري ننڍن صوبن جي احساس محرومي ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو.هن چيو ته رسول بخش پليجو پاڪستان ۾ ننڍن صوبن جي حقن ۽ پاڻي جي مسئلي تي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ملڪ جون مظلوم قومون ۽ طبقا سندس ڪيل جدوجهد کي هميشه ياد رکندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *