مدينه منوره (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو اهي ته 90 سيڪرو پارٽي ٽڪيٽ ٺيڪ ڏنا ويا آهن، 10 سيڪڙو تي پراڻن ڪارڪنن جا تحفظات ڏور ڪيا ويندا. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته خميس تي تنازي وارين تي نظرثاني شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام مجرم کي حڪمران بڻائي ڇڏي ته ملڪ تباهه ٿي ويندا آن. مون کي هي ناهي سوچڻو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي. عمران خان چيو ته اسان خيبرختپونخواه جي ترقي جي رستن تي وجهي ڇڏيو آهيان صوبو صحت، تعليم ۽ ماحوليات ۾ ٻين صوبن کان آيان نڪري وويو آهي. اڳوڻي زال ريحام خان جي ڪتاب جي حوالي سان هلندڙ تنازي تي هن چيو ته ڪتاب جي اشاعت يا ڪنهن به اسڪينڊل کان تحريڪ انصاف کي نقصان نه پهچندو. هن الزام هنيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري 2013 ۾ آراوز جي مدد سان نوازشريف کي کٽرايو، جڏهن نوازشريف ان کي صدر نه بڻايو ته هو پٺيان هٽي ويو.