اسلام آباد ( بيورو) نگران وزيراعظم ملڪ جي پهرين واٽر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . ناصر الملڪ لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ پاڻي وسيلن جي وزارت کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم ناصرالملڪ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو . اجلاس م وزيراعظم کي پاڻي وسيلن ۽ پاڻي جي ذخيرن بابت بريفنگ ڏني . عملدارن ٻڌايو ته گرمي پد وڌڻ سان گليشيئر پگهارڻ جو عملو تيزي سان جاري آهي . ۽ ان گليشيئر جي پگهرجڻ سان پاڻي جي آمد ۾ حوصلا افزا ٿيو آهي . اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واٽر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي . وزيراعظم مستقبل جي ضرورتن موجب پاليسي ترتيب کي ساراهيو . جسٽس رتائرڊ ناصر الملڪ مسئلن جي حل لاءِ پاڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن .سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال انتهائي ضروري آهي . ان کانسواءِ پاڻي جو غير ضروري استعمال جي روڪٿام ۽ بچت تي عمل به ضرڳري آهي ..