نيب سڀ کان وڌيڪ وصوليون جرنلن کان ڪيون: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو)  جمعيت علماءِ اسلام  (ف )  جي سربراهه  فضل الرحمان پاڻ تي ٿيل تنقيد جي حوالي سان  واضح ڪيو آهي ته  پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد   ۾ پنهنجي ڪمزوري کي تلاش ڪندو آهيان . هڪ تقريب کي خطاب ڪندي  مولانا فضل الرحمان چيو ته فوج هڪ  ادارو آهي جو  نه رڳو  اڻٽر آهي  پر رياست  ۽ سرحدن  جو تحفظ  ڪندو آهي پر جهيڙو ان وقت  جنم وٺندو آهي  جڏهن فوج سياست ۾ حصو وٺي .  مولانا فضل الرحمان  چوي ته قومي اسيمبلي ۾ مطالبو ڪيو ته قومي احتساب بيورو  ٻڌائي ته ڪهڙن ماڻهن کان ڪيتري وصولي ڪئي آهي . سندس چوڻ هو ته  اسيمبلي  ۾ پيش ڪيل نيب  جي جواب  موجب  سڀ کان وڌيڪ  وصوليون فوجي جرنلن ، بئي نمبر  تي سياستدان کان ڪيون  آهن . جمعيت علماءِ اسلام  جي سربراهه چيو ته پر سياستدانن  کي ايترو  بدنام ڪيو پيو وڃي  جيئين ڪو سڄي ملڪ جو پيسو  رڳو سياستدانن کاڌو آهي . هن چيو ته مان ڪردار جي صداقت ۽ صفائي جو قائل آهيان ، ڪجهه ڪمزوريون اسان جي اندر به هونديون آهن پر اهڙيون ڪمزوريون ٻئي ۾ وڌيڪ آهن . جيڪڏهن ملڪ صحيح طرف  هلائڻو آهي ته پنهنجي پنهنجي  ذميواري ادا ڪرني پوندي . ميڊيا جي حوالي سان  هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ جتي جمهوريت آهي اتي آزاد صحافت آهي ، ميڊيا  جي آزادي  جو اهو مقصد ناهي ته اسان  ڇڙواڳ آزادي چاهيون ٿا .  هن جو چوڻ هو ته  ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو بنياد خوشحال معيشت  هوندو آهي . پاڪستان ۾ خرابين جا تمام گهڻا منظر آهن .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *