سپريم ڪورٽ جو موبائيل فون بيلنس ري چارج ڪارڊ تي وصول ٿيندڙ اضافي ٽيڪسز معطل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان موبائيل فون جي بيلنس ريچارج ڪارڊ تي موبائيل ڪمپنين ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران ورتي ويندڙ وڌيڪ ٽيڪسز کي معطل ڪندي انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيئي ڇڏي جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته اڄڪلهه ته ريڙي هلائڻ وارو موبائيل فون استعمال ڪري ٿو اهو ٽيڪس نيٽ ۾ ڪيئن اچي ويو هتي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي 100 رپئي جو ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي 64.38 پئسا وصول ڪرڻ غير قانوني آهي ۽ آئين موجب امتيازي پاليسي کي ڪالعدم قرار ڏيئي سگهجي ٿو گذريل ڏينهن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ موبائيل فون تي وڌيڪ ٽيڪسز جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿي چيئرمين ايف بي آر عدالت ۾ پيش ٿيو فاصل عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽيڪس جي نالي تي ريڙهي واري کان ڪيئن ٽيڪس وصول ڪري سگهجي ٿي چيئرمين ايف بي آر جواب ڏنو ته موبائل ڪالز تي سروسز چارجز جي ڪٽوتي ڪمپني جو ذاتي عمل جسٽس اعجازالحسن سوال ڪيو ته جيڪو شخص ٽيڪس نيٽ ۾ نٿو اچي ان کان ٽيڪس ڪيئن وٺي سگهجي ٿي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته موبائيل ڪارڊز تي موبائيل ڪمپنيون ۽ ايف بي آر ٽيڪس وصول ڪن ٿيون 100 رپئي جو ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي 64.38 پئسا وصول ٿين ٿا هي غير قانوني آهي اڄڪلهه ته ريڙهي وارو به موبائيل فون استعمال ڪري ٿو هو ٽيڪس نيٽ ۾ ڪيئن اچي ويو چيئرمين ايف بي آر جواب ڏنو ته 130 ملين ماڻهو موبائيل استعمال ڪن ٿا سڄي ملڪ ۾ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن جو ڪل انگ 5 سيڪڙو آهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته 5 سيڪڙو ماڻهن کان ٽيڪس وٺڻ لاءِ 130 ملين تي موبائيل ٽيڪس ڪيئن لاڳو ٿي سگهي ٿو هڪ ماڻهو جيڪڏهن ٽيڪس نيٽ ۾ نٿو اچي ته ان کان ڪيئن ٽيڪس وصول ڪري سگهجي ٿي ٽيڪس ڏيندڙ ۽ نه ڏيندڙ وچ ۾ فرق واضح نه ڪرڻ امتيازي ورتاءُ آهي آئين تحت امتيازي پاليسي کي ڪالعدم قرار ڏيئي سگهجي ٿو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن جو موبائيل فون جو استعمال مقرر حد کان وڌيڪ آهي ان کان ٽيڪس وصول ڪريو موبائيل فونز ڪالهه تي ٽيڪس اڳاڙي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي چيف جسٽس موبائيل ڪمپنين ۽ ايف بي آر پاران موبائيل ڪارڊز تي وصول ٿيندڙ ٽيڪس معطل ڪري ڇڏيا عدالت ٽيڪسن کي معطل ڪرن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *