سپريم ڪورٽ کي موڪلن جي درخواست نه ڪئي آهي ۽ نه ڪندس: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي موڪلن جي درخواست نه ڪئي نه ڪندس احتساب عدالت ۾ حاصري جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي موڪلن جي درخواست ناهي ڪئي سپريم ڪورٽ آڏو درخواست نه ڪئي آهي نه ڪندس صحافي نوازشريف کان پڇا ڪئي ته پرويز مشرف چوي ٿو ته سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ڏني وڃي پوءِ هو واپس اچي ويندو ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو ان تي ڪجهه نه چوندو هڪ صحافي پڇا ڪئي ته کيس سپريم ڪورٽ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ته نوازشريف چيو ته هن سپريم ڪورٽ کي ڪائي درخواست ئي ناهي ڏني صحافي سوال ڪيو ته چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سينيئر اڳواڻ ٽڪيٽ لاءِ انٽرويو ناهن ڏيندا جنهن جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته مان ان جو اهو بيان ناهي پڙهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *