چنگ ڊاو ( م ڊ )شنگهائي سههڪار تنظيم سربراهه ڪانفرنس ۾ ميمبر ملڪن ۾ گڏيل سهڪار ، پائيدار دوستاڻا لاڳاپا ، سلامتي ، معاشي ، واپاري سهڪار وڌائڻ وارن معاهدن تي صحيحون ٿي ويون . چين جي شهر چينگ دائو ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان امن استحڪام لاءِ افعانستان سان هميشه وانگر سهڪار جاري رکندو . هن ايس او سي او تحت افعان رابطه گروپ جي قيام کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻه طرفن لاڳاپن جي بنيادن تي گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان خطي ۾ قيام امن لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف اثرائتين ڪوششن جي ڪري پاڪستان م امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ، پاڪستان ۾ جمهوري قدر ۽ جمهوري ادارا مستحڪم ٿيا آهن. ممنون حسين چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سندن گڏيل حدف آهي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . هن چيو ته افغانستان ۾ جنگ بندي علائقائي امن لاءِ سٺو سنئوڻ آهي . ممنون حسين چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري سان پاڪستان جو اقتصادي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان نجي سيڙپڪاري لاءِ بهترين هنڌ بڻجي ويو آهي . هن چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ صنعتي زون قائم ڪيا پيا وڃن، جن ۾ سيڙپڪارن کي خاص رعايتون ڏنيون وينديون . صدر خطي جي ترقي لاءِ پنج نقاطي ترجيحون پيش ڪيون جن ۾ سيڙپڪاري ، واپار، اي ڪامرس ، ريلوي ۽ سياحت شامل آهن. ممنون هسين شنگهائي سهڪار تنظيم تي زور ڏنو ته هو غربت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري . چيجج جي صدر شي جن پنگ سربراهه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جا سربراهه حڪومت ۽ مملڪت شرڪت ڪئي . صدر ممنون حسين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جڏهن ته قازقستان روس ، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جو صدر ۽ ڀارت جو زويراعظم به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي . شنگهائي سهڪاري تنظيم جي چئن مبصر ملڪن افعانستان ، بيلا روس ، ايران ۽ منگوليا جي صدر به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي .