اليڪشن 2018 : وڏا وڏا سياستدان اهم تڪن تي هڪٻئي سان مقابلو ڪندا

ڪراچي/ لاهور( م ڊ) ملڪ ۾ سياسي گرمي پد وڌي ويو  آهي ،وڏا وڏا سورام ميدان مارڻ لاءِ تيار ويٺا آهن .وڏا رانديگر آمهون سامهون آهن. جنگ جو طبل وڄي ويو آهي  ملڪ ۾ اليڪشن جو وڏو مقابلو  ٿي رهيو آهي ، وڏا وڏا سورما  هڪ ٻئي خلاف  ميدان مارڻ لاءِ  تيار بيٺل آهن .  لاهور ۾ عمران خان ۽ سعد رفيق آمهون سامهون آهن . ملتان ۾ وري يوسف رضا  گيلاني ، جاويد هاشمي  ۽ شاهه محمود قريشي قسمت آزمائي رهيا آهن.  ڪراچي جي هڪ تڪ تي  عارف علوي  ستار ، مصطفيٰ ڪمال ، پرويز مشرف ۽ محمد حسين محنتي  مقابلو ڪندا .ان کانسواءِ ن ليگ جي ممڪن اميدوار ن جي فهرست   به سامهون اچي وئي آهي . اين اي 192  ۾ شهباز شريف جو مقابلو پي ٽي آءِ جي محمد خان لغاري سان ٿنيدو . ن ليگي صدر  اين اي 192  هڪ سئو پنجويهه  لاهور  تي مقابلو ٿيندو . مريم نواز سان  پي ٽي آءِ   جي ڊاڪٽر ياسمين  راشد ، اين اين 125 تي حمزه شهباز شريف  ۽ رانديگر قيصر  آمهون سامهون ٿيندا . اين 131 تي تمام وڏو مقابلو ٿيندو ، عمران خان جو سعد رفيق سان مقابلو ڪندو . اين اي 108  تي عابد شير علي  ۽ پي ٽي آءِ  جي فرخ حبيب وچ ۾ مقابلو ٿيندو . اين اي 106 تي ران ثناءُ الله ۽ پي ٽي آ3 جي ناصر جٽٽ ميدان ۾ لهندا . اين اي 156 ملتان ۾ سياسي ميدان  جا 3 سورما آمهون سامهون ٿيندا .  يوسف رضا  گيلاني ، جاويد هاشمي ۽ شاهه محمود قريشي  قسمت آزمائيندا . اين اي 6 دير  تي امير جماعت اسلامي  جو مقابلو  پي ٽي آءِ  جي محبوب  شاهه سان ٿيندو .  اين اي 24 چارسده تي اسفند يار ولي  ۽ پي ٽي آءِ  جي فضل محمد خان آمهون سامهون  ٿيندا .  اين 25 نوشهره  تي پرويز خٽڪ  جو مقابلو عائشه گلالئي  سان ٿيندو . اين اي 246  ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو  ۽ ن ليگي سليم ضيا مقابلو ڪندا ، اين اي  247 ڪراچي تي عارف علوي ، فارقو ستار ، مصطفيٰ ڪمال ، پرويز مشرف ۽ محمد حسين محنتي ۾ مقابلو ٿيندو . اين اي 247 تي مصطفيٰ ڪمال ۽ عمران  خان ۾ دنگل ٿيندو . اين اي 261 جعفرآباد  ۾ مير ظفر الله جمالي جو مقابلو پيپلزپارٽي  جي چنگيز جمالي سان ٿيندو . محمدو اچڪزئي اين اي 263  تي بي اي پي جي خالق  اچڪزئي  سان مقابلو ڪندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *