لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نگران حڪومت اچي وئي پر ڪنهن هنڌ مسلم ليگ ن کي ڇڏي ويندڙن جي لائن نه ڏٺي آهي. لاهور ۾ پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته چيو پئي ويو ته حڪومت ويندي ته پارٽي ڇڏيندڙن جي لائن لڳي ويندي. هن چيو ته پنجاب ۾ ماڻهو پاڻ ڏسن ٿا ته هتي ڪم ٿيا آهن، شهباز شريف گرمي ۽ سردي ڏسڻ کانسواءِ ڪم ڪيو، مٿس ماڻهن مختلف الزام هنيا پر شيون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، پنجاب ۽ اسلام آباد کانسواءِ پاڪستان ۾ ميٽرو بس ڪٿي به نه آهي. سندس چوڻ هو ته ٻن ڏينهن ۾ ڏکڻ پنجاب محاذ ختم ٿي ويو، ٻڌو آهي ته اتي به ماڻهو غير مطمئن آهن، محاذ ٺاهيندڙ وري ٻي پارٽي ۾ هليا ويا آهن. نواز شريف چيو ته مسلم ليگ ن کي ڇڏي ويندڙ برساتي ڏيڏر آهن.