اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پرويز مشرف تي هڪ پاسي سنگين غداري جو ڪيس ٻئي پاسي اليڪشن وڙهڻ جي مشروط اجازت ملي ويئي ڪيڏانهن ويو آئين ۽ قانون، آرٽيڪل 6، ۽ ڪيڏانهنويا سمورا ڪيس؟ سڀ ڪجهه قانون کان مٿانهون ٿي رهيو آهي مشرف جهڙي شخص کي ڪيئن گيرنٽي ڏيئي سگهجي ٿي جيڪو بگٽي قتل ڪيس ۾ ججن کي نظربند ڪرڻ، 12 مئي جي واقعي ۾ ۽ 12 دفعا آئين ٽوڙڻ ۾شامل هجي چيف جسٽس صاحب چئي رهيو آهي مشرف کي گرفتار نه ڪيو وڃي هي ڪهڙو آئين آهي هن آئين جي شق اسان کي به پڙهايو ٻئي پاسي مون کي بيگم جي عيادت لاءِ ٽن ڏينهن جي ڇوٽ به نه پئي ملي مون کي سڄي زندگي لاءِ نااهل ڪيو ويو هڪ پاسي مشرف کي رعايت ڏني پئي وڃي ته ٻئي پاسي مون کي بيمار زال سان ملڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي ڇوٽ به نه ڏني ويئي جمعي تي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسان جي عقل ۽ فراست ۾ اها ڳالهه نه پئي اچي ته ڪوئي قتل ڪري ڇڏي آئين ٽوڙي ڇڏي تباهي ڪري ڇڏي چيف جسٽس چاهيندو ته پوءِ ان کي ڪجهه نه چيو ويندو. اوهان چئي رهيا آهيو ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي هي ڪهڙو آئين آهي هن آئين جي شق اسان کي به پڙهايو هن چيو ته ٻئي پاسي مون پنهنجي زال جي عيادت لاءِ ٽن ڏينهن جي ڇوٽ نه پئي ملي مون کي سڄي زندگي لاءِ نااهلي ڪيو ويو هن سوال ڪيو ته ڪهڙي آئين ۽ قانون ۾ مشروط اجازت ڏيڻ جو لکيو آهي اسان کي به ڏيکاريون سڀ ماڻهو حيرت ۾ آهن ته چيف جسٽس اهڙو حڪم ڪيئن ڏيئي سگهي ٿو ڇا هن ملڪ ۾ اهڙو قانون آهي جيڪو اعليٰ عهدي تي ويٺل ڪنهن شخص کي بااختيار بڻائي ٿو ته هو فوجي آمر کي خاطري ڪرائي هن دوران صحافي پاران جڏهن پڇا ڪئي ويئي ته اوهان ڇا ٿا سمجهو ته انهن خاطري کان پوءِ پرويز مشرف واپس ايندو ته ان تي ان چيو ته مان مفروضن تي ڪوئي تبصرو نه ڪندس.