سنڌ جي قومي ۽ صوبائي سيٽن تي اُميدوار بيهاري ڪرپٽ، سيڪولر ۽ لبرل قوتن جو مقابلو ڪيو ويندو. راشد سومرو

ڪراچي (اين اين آءِ) متحده مجلس عمل سنڌ جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس سنڌ جي  صدر مولانا راشد محمود سومرو جي صدارت هيٺ گلشن اقبال ۾ جي يو آءِ اڳواڻ بابر قمر عالم جي رهائش گاهه تي ٿي گذريو، جنهن ۾ گڏيل مشاورت سان سيٽن جي الاٽمينٽ  ڪئي وئي، 5 فيصد عورت اميدوار بيهارڻ جي فيصلي سميت اميدوارن جي حتمي لسٽ منظور ڪري مرڪزي پارلياماني بورڊ کي موڪلي ويندي. صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب ايم ايم اي سنڌ جو صدر علامه راشد محمود سومرو لاڙڪاڻو مان اين اي 200 ۽ شڪارپور جي پي ايس 07  تي اميدوار هوندا جڏهن ته سينئر نائب صدر ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي ڪراچي مان اين اي 256 ، ڪراچي جو صدر حافظ نعيم الرحمان پي ايس 129، جنرل سيڪريٽري مستقيم نوراني اين اي 255، مرڪزي اڳواڻ اسدالله ڀٽو اين اي 242، راشد نسيم اين اي 254 تي مجلس عمل جا اميدوار هوندا. صوبائي صدر علامه راشد محمود سومرو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مجلس عمل ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي سڀني قومي ۽ صوبائي سيٽن تي اُميدوار بيهاري ڪرپٽ، سيڪولر ۽ لبرل قوتن جو مقابلو ڪندي ۽ عوام کي متبادل، صادق ۽ امين قيادت فراهم ڪنداسين. متحده مجلس عمل روشن مستقبل جي نويد، ديانتدار ۽ باڪردار قيادت ئي ڪراچي جي روشنين کي ٻيهر بحال ڪري سنڌ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪري سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته 70 سالن کان اقتدار تي قابض ڪرپٽ ۽ سيڪولر قوتن عوام کي بُک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي، بجلي جي لوڊشيڊنگ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو، اسلام ۽ ڪلمي پاڪ جي نالي تي وجود ۾ اچڻ واري ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين هڪ ڏينهن به اسلام نافذ ناهي ٿي سگهيو، متحده مجلس عمل ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ پاڪستان کي حقيقي معنى ۾ هڪ اسلامي، جمهوري ۽ فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي نگران ڪابينا کي صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ پنهنجي غيرجانبداري ڏيکارڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ کڻڻا پوندا. ڊاڪٽر معراج الهدى،ناظرعباس تقوي،اسلم غوري،ممتازسهتو،حافظ نعيم الرحمان ، مجاهدچنا، مستقيم نوراني۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *