نيپرا ملڪ ۾ بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ملڪ ۾ بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. نيپرا طرفان جاري ڪيل پريس ريليز ۾ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني( اين ٽي ڊي سي) کي فوري طور تي صورتحال بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيپرا چيو آهي ته اين ٽي ڊي سي کي گذريل سال دوران سسٽم تي وڏي سيڙپڪاري جي اجازت ڏني، انهن ورهين ۾ 96 ارب 63 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري جي اجازت ڏني وئي. نيپرا جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اين ٽي ايس ڊي سي جا گرڊ اڃان تائين لوڊنگ جو شڪار آهن،  آئيسڪو، ليسڪوا ورپيپڪو جي واهپيدار اوور لوڊنگ جي زد ۾ اچي رهيا آهن. اڳ ۾ به ان صورتحال تي نوٽيس وٺي چڪا آهيون. نيپرا طرفان جاري ڪيل پريس ريليز ۾ وڌيڪ چيو ته اين ٽي ڊي سي جيڪڏهن  فوري طور تي قدم نه کنيا ته جولائي ۽ آگسٽ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *