اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري نئون چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي آهي. نئين چونڊ شيڊول موجب چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار هاڻي 11 جون تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ ساڳي ڏينهن اميدوارن جي شروعات لسٽ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل 10 کان 14 جون تائين رکيو هو پر هاڻي نئين شيڊول موجب 19 جون تائين ڪيو ويو آهي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري ۽ رد ڪرڻ خلاف اپيلون 22 جون تائين داخل ٿي سگهنديون ۽ اپيلن کي 17 جون تائين اڪلايو ويندو. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 28 جون تي جاري ٿيندي ۽ اميدوار 29 جون تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا جڏهن ته اميدوارن جي آخري لسٽ 30 جون تي جاري ٿيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ پولنگ 25 جولاءِ تي ئي ٿيندي.