ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي 7 رڪني نگران ڪابينا پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جي قسم کڻڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي قسم کڻايو. چيف سيڪريٽري محمد رضوان ميمڻ تقريب جي سرواڻي ڪئي جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قسم کڻندڙ نگران وزيرن ۾ خير محمد جوڻيجو، مشتاق علي شاهه، جميل يوسف، ڪرنل رٽائرڊ دوست محمد چانڊيو، ڊاڪٽر سعديه رضوي، سائمن جان ڊينئل ۽ ڊاڪٽر جنيد علي شاهه شامل آهن. عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن وڏي وزير فصل الرحمان سميت قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي.