لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته احتساب جي نالي تي جيڪو انتقام اسان ڀوڳيو آهي نوازشريف ته اڃا ان جي ڀرسان به ناهي گذريو مشرف کي ڪنهن ٻئي نه پاڻ نوازشريف ملڪ مان ڀڄايو پهريان سوالن جو پاڻ جواب ڏي مولابخش چانڊيو نوازشريف جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته عدالتي ريڪارڊ گواهه آهي ته مشرف کي ڀڄائڻ ۾ نواز حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو هو نوازشريف شرمسار ٿيڻ بدران هڪ دفعو ٻيهر قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪي رهيو آهي ڌرڻن ۾ جمهوريت لاءِ ساٿ ڏنو ۽ نوازشريف ڊيل ڪري مشرف کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو، بغاوت محترمه شهيد ۽ اڪبر بگٽي جي قتل جي جوابدار جو نالو اي سي ايل مان نواز حڪومت ڪڍيو هو اسان ان وقت به چيو هو ته مشرف ٻاهر ويو ته واپس نه ايندو نه وڃڻ ڏيو هن چيو ته مشرف هجي يا ڪوئي ٻيو سڀني لاءِ قانون هڪ آهي مشرف کي ٻاهران واپس آندو وڃي مولابخش چانڊيو چيو ته احتساب جي نالي تي جيڪو انتقام اسان ڀوڳيو آهي نوازشريف ته ان جي ڀرسان به نه گذريو آهي. مادر جمهوريت ڪومه ۾ هئي ۽ احتساب عدالتون ان جا وارنٽ جاري ڪنديون هيون انهيءَ لاءِ چوان ٿو ته ميان صاحب پوکيو آهي اهو اڃا ته هن لڻيو ئي نه آهي اڳ ۾ ئي رڙريون ڪري رهيو آهي ميان صاحب جي ته وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ ٿيندڙ ايئرڪنڊيشن احتساب سان ئي ررڙيون نڪري ويون آهن اڃا اوهان نه جيل ڏٺو نه 50 ڊگري ۾ جيل جي ڦاٽل تي ملاقات جو انتظار ڪرڻو پيو آهي.