اليڪشن ڪميشن پاران 2018 چونڊن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ آفيسرن جي بدلين جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن  ڪميشن  2018 چونڊن  کي شفاف  ۽ غير جانبدار  بڻائڻ لاءِ  سڄي ملڪ ۾ آفيسرن جي بدلين جو فيصلو ڪيو آهي .اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب  شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ لاءِ  مرحليوار  آفيسرن جون بدليون  ڪيون وينديون  ۽ پهرين مرحلي ۾  صوبائي چيف سيڪريٽريز  ۽ آءِ جي پوليس تبديل ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن  ۾ آفيسرن  جون سياسي  وفاداريون پرکڻ لاءِ  ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي .اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب  چيف سيڪريٽريز کي آفيسرن جي فهرستن  تي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي  جنهن لاءِ چئني صوبن  مان گريڊ 18 کان 22  جي آفيسرن  جو لسٽون  طلب ڪيون وينديون. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن  گريڊ 17 ۽ ان کان هيٺين  آفيسرن جي بدلين لاءِ  به چيف سيڪريٽريز کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي .اليڪشن ڪميشن ذريعن  جو چوڻ هو ته  اليڪشن ڪميشن نئين مقررين  لاءِ آفيسرن جون فهرستون  اسٽبلشمينٽ  ڊويزن  کي فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان مشاورت جو عمل جاري آهي . ياد رهي ته 25 جولائي  تي ٿيندڙ  عام چونڊن لاءِ ڀرپور  تياريون  جاري آهن  جنهن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول  ۽ جمع ڪرايا پيا وڃنئ. اليڪشن ڪميشن  طرفان خصوصي بيلٽ  پيپر  لاءِ پرڏيهه مان درآمد ڪيل ڪاغذ  به پهچي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *