مسلم ليگ ن پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ حسن عسڪري جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن نگران وڏي وزير لاءِ حسن عسڪري جي مقرري کي رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کان نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حسن عسڪري جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرري بدقسمتي آهي، نگران سيٽ اپ اڻ ڌريو هئڻ گهرجي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حسن عسڪري جو نالو تحريڪ انصاف پيش ڪيو هو. هن چيو ته حسن عسڪري جا خيال اخباري مضمونن ۽ تبصرن مان واضح آهن، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته حسن عسڪري جو مسلم ليگ ن بابت موقف ميڊيا ۾ واضح آهي، هو چونڊن ۾ دير جو به حامي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ حسن عسڪري جي نالي کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته حسن عسڪري ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي رهيو آهي، هن پنهنجي ڪالم ۾ چونڊن ۾ دير جي حمايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڌر شخص کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر نه ڪرڻ گهرجي ها. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ نظر اچي رهيو آهي ته چونڊون شفاف نه ٿينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته زميني يا خلائي مخلوق چونڊ ڪرائي پر مسلم ليگ ن هر صورت ۾ ڪامياب حاصل ڪندي. اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته هو پاڪستان جي عوام کي اپيل ڪن ٿا ته ووٽ جي حفاظت ڪن. هن چيو ته اسان ملڪ کي اوندهه مان ڪڍي روشن ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪيو آهي، سي پيڪ جو اهڙو ٻوٽو پوکيو جنهن جو ثمر ايندڙ نسل کي ملندو. احسن اقبال چيو ته اسان هر قيمت تي عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *